رشتن جي سياست

رشتن جي سياست

رشتن جي سياست

رشتن جي سياست (ڪتاب): سنڌي زبان جي نامور ڪهاڻيڪار ۽ نقاد آنند کيماڻيءَ جي ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو، خود آنند کيماڻيء،َ دهليءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ مالي مدد ڪئي آهي. هن مجموعي ۾ ڪهاڻيڪار جون 14 ڪهاڻيون شامل آهن، جن ۾: هڪ ڪهاڻي ’ڪهاڻين جي ٽريالاجي‘ ٽن ڀاڱن ۾ آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڪوڙ ڪجهه سچ، ان داتا ۽ رشتي جي ادا ڪهاڻيون شامل آهن. جڏهن ته سندس ٻين ڪهاڻين ۾ ٽنگوٽالي ٿيل هستي، ڊوڙ، رشتن جي سياست، برسات، هٿ ڇڏائي هوت کي، عصمت فروش، منهنجي سنڌ منهنجي سنڌ، تاڙيون وغيره شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 110 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي. جڏهن ته هي ڪتاب جون 2007ع ۾ ڇپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو